سنڌي سوانحي ادب

سنڌي سوانحي ادب :
سـوانحــي ادب ۾ آتــم ڪـهـاڻـيــون يــا آتــم ڪـٿـائـــون Autobiographies))، سـوانـح عـمـريــون (جـيـونـيــون:Biographies) ۽ خاڪانويسي (Profile Writing) شامل آهن.هيٺ آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪا نويسيءَ جو ترتيبوار ذڪر ڪجي ٿو:
1. آتم ڪهاڻي: آتم ڪهاڻي (Autobiography) سوانحيات جو هڪ قسم آهي، پر آتم ڪهاڻي/ آتم ڪٿا ۾ هڪ شخص، ليکڪ، اديب شاعر، سائنسدان، سياسي شخصيت، استاد، عالم، فنڪار يا زندگيءَ جي ڪنهن شعبي سان واسطو رکندڙ شخص پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ جا واقعا ۽ وارداتون قلمبند ڪندو آهي.
سنڌي ادب ۾ چڱي تعداد ۾ آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن ۾ ‘نائون مل جون يادگيريون’، مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا ‘سائو پن يا ڪارو پنو’ (1965)، علامه دائودپوٽي جي اڌوري آتم ڪهاڻي ‘منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي’، غلام فاطمه شيخياڻيءَ جي آتم ڪٿاتاريخ جو وساريل ورق’، نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻيءَ جي آتم ڪٿا ‘نرالي زندگي ’ ابتدائي اهم آتم ڪهاڻيون آهن.
انهن کانپوءِ جي ايم سيد جي آتم ڪهاڻي ‘منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني’، شيخ اياز جي آتم ڪٿا جا چار ڀاڱا ‘ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر’، بينظير ڀٽو جي انگريزيءَ ۾ آتم ڪهاڻي ‘Daughter of the East’ جو سنڌي ترجمو ‘پورب ڄائي’ (مترجم: مراد علي مرزا)، ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي اڻپوري آتم ڪٿا ‘منهنجي ڪهاڻي’، رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم ڪهاڻي ‘ڪيئي ڪتاب’ (ٻه جلد)، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي آتم ڪهاڻي ‘سکر سيئي ڏينهن’، محمد صادق ميمڻ جي آتم ڪهاڻيتان ڪي ڏونگر ڏوريان’، پير عالي شاهه جي آتم ڪهاڻي ‘منهنجي ماضيءَ جا چند ورق’، هري دلگير جي آتم ڪهاڻيچولو منهنجو چِڪ ۾’ ۽ ‘گند جنين جي گوڏ ۾’ (ٻه حصا)، پوپٽي هيراننداڻيءَ جي آتم ڪٿا ‘منهنجي حياتي جا سونا روپا ورق’، موهن ڪلپنا جي آتم ڪهاڻيبک، عشق ۽ ادب ’ ، لعل پشپ جي آتم ڪهاڻي (پنج ڀاڱا)، جـمـال ابـڙي جي آتم ڪٿا (پنج جـلـد)، لـڇـمڻ ڪـومل جي آتم ڪٿا ‘وهيءَ کاتي جا پنا’ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿيون.
هيٺ هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ ڇپيل اهم آتم ڪٿائن جو وچور ڏجي ٿو:
آتم ڪٿا- ستيه جا پريوڳ (‘سچ جا تجربا’: ڀاڱو پهريون): مهاتما گانڌي، ترجمو: نارائڻ داس رتنمل ملڪاڻي، 1932ع
1. ‘آتم ڪٿا- ستيه جا پريوڳ’ (ڀاڱو ٻيو): مهاتما گانڌي، ترجمو: نارائڻ داس رتنمل ملڪاڻي، 1932ع
2. منهنجي مختصر ڪهاڻي: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، 1965ع
3. شيخاڻيءَ جي ڪهاڻي (تاريخ جو وساريل ورق)، غلام فاطمه شيخ، 1965ع
4. سائو پن يا ڪارو پنو (آتم ڪٿا): مرزا قليچ بيگ، 1965ع
5. پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني (پهريان 25 سال): جي ايم سيد، 1968ع
6. نرالي زندگي، پروفيسر نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻي، 1973ع
7. منهنجي ماضيءَ جا چند ورق: پير عالي شاهه جيلاني، 1975ع
8. مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ-1): سنڌيڪار: اياز قادري، 1977ع
9. مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي (تربيت-2): سنڌيڪار: اياز قادري، 1977ع
10. ڪيئي ڪتاب (آتم ڪهاڻي، جلد 1): رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، 1980ع
11. تان ڪي ڏونگر ڏوريان (آتم ڪهاڻي): محمد صادق ميمڻ، 1981ع
12. منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق (آتم ڪهاڻي): پوپٽي هيراننداڻي، 1981ع
13. اڳي ائين هياس (يادگيريون، جلد 1): فضل احمد بچاڻي، 1981ع
14. پنهنجي ڳالهه (آتم ڪٿا): عبدالله چنا، 1982ع
15. ڪيئي ڪتاب (آتم ڪهاڻي، جلد 2): رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، 1982ع
16. بک، عشق ۽ ادب (مختصر آتم ڪٿا): موهن ڪلپنا، 1984ع
17. ديپڪ ۽ ملهار (آتم ڪهاڻي-1): عبدالجبار جوڻيجو، 1984ع
18. سورن سانڍياس (آتم ڪهاڻي): الهه بچايو مرڻاس، 1984ع
19. اڳي ائين هياس (يادگيريون، جلد 2): فضل احمد بچاڻي، 1985ع
20. سکر سيئي ڏينهن (آتم ڪهاڻي): محمد اسماعيل عرساڻي، 1985ع
21. ادب ۽ اديب (ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون-1): گوبند مالهي، 1987ع
22. چولو منهنجو چڪ ۾ (آتم ڪٿا: 1): هري دلگير، 1987ع
23. ادب ۽ اديب (سنڌڙي منهنجي جندڙي-2): گوبند مالهي، 1988
24. مان ڏوهي آهيان (ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ جا اعتراف): عزيز ڀنگوار، 1988ع
25. هو ڏوٿي هو ڏينهن (يادگيريون): پير حسام الدين راشدي، 1988ع
26. ادب ۽ اديب (نرواس ۾ آس-3): گوبند مالهي، 1989ع
27. شاگرد سياست (آتم ڪٿا- 1)، عبدالحئي پليجو، 1989ع
28. جيون هڪ سفر آهي (آتم ڪٿا: پهريون ۽ ٻيو ڀاڱو ڌار ڌار)، ڌني فقير، 1989ع
29. ادب ۽ اديب (زندگي هڪ سفر-4): گوبند مالهي، 1990ع
30. ادب ۽ اديب (عجب هي رشتا ناتا- 4): گوبند مالهي، 1991ع
31. جيون هڪ جدوجهد (آتم ڪٿا)، رام مامتاڻي نول، 1992ع
32. تنهنجي منهنجي ڪهاڻي (آتم ڪٿا): چترو ناگپال، 1992ع
33. منهنجو ننڍپڻ (1919- 1944): مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ: 1993ع
34. گهنڊ ڄاڻ وڳو (آتم ڪٿا، حصو 1): ريٽا شهاڻي، 1993ع
35. آتم ڪٿا جي نالي ۾: موتيلال جوتواڻي، 1994ع
36. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (ڀاڱو پهريون)، شيخ اياز، 1995ع
37. پٻهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا، حصو 2): ريٽا شهاڻي، 1995ع
38. منهنجي ڪهاڻي (آتم ڪهاڻي): لعل بن يوسف، 1995ع
39. سرءُ جا پن (يادگيريون)، نارائڻ ڀارتي، 1995ع
40. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (ڀاڱو ٻيو)، شيخ اياز، 1996ع
41. نائون مل جون يادگيريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1996
42. سي جي ورق ورايم (هڪ انوکي آتم ڪٿا): روپ ڪمار گهايل، 1996ع
43. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (ڀاڱو ٽيون)، شيخ اياز، 1997ع
44. ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم (ڀاڱو پهريون): ڪيرت ٻاٻاڻي، اپريل 1997ع
45. ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم (ڀاڱو ٻيو): ڪيرت ٻاٻاڻي، جولاءِ 1997ع
46. ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم (ڀاڱو ٽيون): ڪيرت ٻاٻاڻي، 1997
47. ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم (ڀاڱو چوٿون):ڪيرت ٻاٻاڻي، 1997
48. آخري پنا (آتم ڪٿا): هري موٽواڻي سنڌي، 1997ع
49. ڏسي ڏوهه اکين سين (آتم ڪٿا: 1)، جمال ابڙو، 1998ع
50. اونهي ڳالهه اسرار جي (آتم ڪٿا: 2)، جمال ابڙو، 1998ع
51. ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (ڀاڱو چوٿون)، شيخ اياز، 1998ع
52. جيڪي ڏٺم جيڪي ٻڌم (يادگيريون)، محمد طالب ڀرٽ پنهور ڀرٽائي، 1998ع
53. منهنجو سفر (آتم ڪهاڻي): قاضي فيض محمد، 1999ع
54. ٿوهر ۾ ڳاڙها گل (آتم ڪٿا- 3): جمال ابڙو، 1999ع
55. ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (آتم ڪٿا): آپا شمس عباسي، 1999ع
56. سيئي سڪان ساريان (آتم ڪهاڻي): سيد اظهر گيلاني، 1999ع
57. خود نوشته (آتم ڪهاڻي): سيد محمد علي شاهه ‘درٻيلائي’، 2000ع
58. ايندو نه وري وڻجارو (آتم ڪٿا- 4): جمال ابڙو، 2001ع
59. لعل پشپ (آتم جيوني: ناول تاريخ- 1): لعل پشپ، 2002ع
60. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي، جلد 1): تاجل بيوس، جون 2003ع
61. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي، جلد 2): تاجل بيوس، ڊسمبر 2003ع
62. ڌرتي ڌڪاڻل (آتم جيوني: ناول- تاريخ): لعل پشپ، 2003ع
63. الهاس نگر واسي (آتم جيوني، ناول، تاريخ-3): لعل پشپ: 2003ع
64. حياتين جا حصا (آتم جيوني: ناول تاريخ-4): لعل پشپ، 2003ع
65. گند منهنجي گوڏ ۾ (آتم ڪٿا: 2): هري دلگير، 2003ع
66. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي، جلد 3): تاجل بيوس، آگسٽ 2004ع
67. مر پيا مينهن وسن (آتم ڪٿا: 5): جمال ابڙو، 2004ع
68. مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي (آتم ڪهاڻي): ڀڳت کيمچند آسناڻي، 2004ع
69. آتم ڪٿا هڪ اديب جي: هولارام هنس، 2004ع
70. ٻپهريءَ جا ٻه پل (آتم ڪٿا، ٻه ڀاڱا گڏ سڌاريل وڌايل سنڌ ۾ ڇپيل): ريٽا شهاڻي، 2004ع
71. منهنجي ادبي زندگي (آتم ڪٿا): ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، 2005ع
72. مجاز (آتم ڪهاڻي-2): عبدالجبار جوڻيجو، 2005ع
73. مئڪسم گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي (درسگاهه-3): سنڌيڪار: اياز قادري، 2005ع
74. سپنن جو ڏيهه (يادگيريون ڪهاڻين جي روپ ۾): خورشيد قائمخاني، 2005ع
75. هيڪليون هلن جي (آتم ڪهاڻي): بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي، 2005ع
76. مان ۽ مان، رتنا گوديا رولاڪ، 2005ع
77. پيڙا جو سفر (آتم ڪٿا): حميده گهانگهرو، 2006ع
78. يادِ ايام (آتم ڪٿا): ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي، 2006ع
79. وهي کاتي جا پنا (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون): لڇمڻ ڪومل، جنوري 2006ع
80. ٻنڌڻ ٻاروچن جا (آتم ڪهاڻي): فقير عبدالغفور الستي، 2007ع
81. جوڻيون جيءَ جهان جون (آتم ڪهاڻي: حصو پهريون): سرڪش سنڌي، 2007ع
82. وهڻ مون نه وڙاءُ (آتم ڪٿا): عبدالرشيد لغاري، 2008ع
83. مان ڪير آهيان؟ (يادگيريون): مشتاق چنگيزي، 2008ع
84. ڪويءَ جي ڪٿا (آتم ڪٿا): سوز هالائي، 2008ع
85. وهي کاتي جا پنا (آتم ڪٿا: ڀاڱو ٻيو): لڇمڻ ڪومل، مئي 2008ع
86. وهي کاتي جا پنا (آتم ڪٿا: ڀاڱو ٽيون): لڇمڻ ڪومل، 2008ع
87. آپ بيتي جڳ بيتي: ايم ايڇ پنهور (سنڌي ترجمو: سيد حاڪم علي شاهه بخاري): 2008ع
88. پرهه جو پانڌيئڙو (يادگيريون): خورشيد قائمخاني، 2008ع
89. گهاريل گهڙيون (آتم ڪٿا): عبدالحميد ميمڻ، 2008ع
90. منهنجون اهم يادگيريون (آتم ڪٿا): ڊاڪٽر سيد غلام حسين، 2008ع
91. منهنجو سورج مکي (ساروڻيون): شبنم گل، 2008ع
92. جوڻيون جيءَ جهان جون (آتم ڪهاڻي: حصو ٻيو): سرڪش سنڌي، 2009ع
93. دل جي دفتر مان (ساروڻيون-1): قاضي خادم، 2009ع
94. منهنجي ڪهاڻي ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي: گڻيش ٻالاڻي، 2009ع
95. ساروڻيون: قاضي خادم، 2009ع
96. ماڻڪ چوڻو جن (سياست ۽ زندگي): سيد عالم شاهه، 2009
97. پيهي جان پاڻ ۾ (آتم ڪهاڻي): پرويز، 2010ع
98. وساريان نه وسرن (يادگيريون): احمد خان جمالي، 2010ع
99. سچ ٿا مرد چون (آتم ڪهاڻي: حصو ٽيون): سرڪش سنڌي، 2010ع
100. سون سريکيون ساروڻيون: ڊاڪٽر پرڌان، 2010ع
101. منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني: پروفيسر شيام داس جوشي: 2010ع
102. پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني (1904 کان 1935)، (حصو پهريون): جي ايم سيد، 2010ع
103. عرش کان فرش تي (آتم ڪهاڻي)، سچانند چاندواڻي، 2010
104. ع. ق. شيخ- ڪوهه قاف شيخ، مرتب: نصير مرزا، 2010ع
105. جل مشعل جل (آتم ڪٿا)، امداد اوڍو، 2010ع
106. جيون سفر سڪ جو (يادگيريون): الهرکيو ڳورڙ، 2011ع
107. جيڪي مون سکيو ۽ لکيو (آتم ڪٿائي ساروڻيون): ڊاڪٽر پرڌان، 2011ع
108. ڪجهه يادون، ڪجهه ڳالهيون (1984-1940): فضل الله قريشي، 2011ع
109. يادن جي ڳڙکيءَ مان (يادگيريون): عبدالرزاق سومرو، 2011ع
110. پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني (1936 کان 1947: حصو ٻيو): جي ايم سيد، 2011ع
111. اندر روح رهيام (يادگيريون-2): قاضي خادم، 2011ع
112. جنين پڙهايو پاڻ، خاڪي جويو: 2011ع
113. يادن جا ورق: علي احمد قريشي، 2012ع
114. پير اڃا مون پنڌ ۾ (يادگيريون-3): قاضي خادم، 2012ع
115. رنگ رتول (آتم ڪٿا-3): ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، 2012ع
116. مختيار سدائين گڏ (مختيار اسد بيگ)، اسد بيگ مرزا، 2012
117. طارق ڪتاب (طارق عالم)، نصير مرزا: 2012ع
118. ٻاروچا ٻيا به گهڻا (يادگيريون): گل محمد هوت، 2012ع
119. سچ ڇا ڪوڙ ڇا (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون): آنند کيماڻي، 2012
120. گذري جي ويا، سي زمانا ياد پيا: عبدالغفور ڀرڳڙي، 2013ع
121. آتم ڪٿا- آڏي پڇائن ۾، امر جليل، 2013ع
122. 13 جولاءِ (آتم ڪهاڻي): محبوب ڀٽي، 2013ع
123. منهنجي حياتي (آتم ڪهاڻي): رئيس خدا بخش خان جسڪاڻي، 2013ع
124. سفر زندگيءَ جو (جهونيون يادون): قاضي علي محمد الهرکيو ڏيپلائي، 2014ع
125. حيات ڪوثر (آتم ڪهاڻي): مرزا علي بخش ڪوثر، 2014ع
126. آءٌ جي اُهائي ذات (آتم ڪهاڻي): فاطمه زهره قاضي، 2014ع
127. ڳالهڙيون کٽيون ناهن (يادگيريون-4): قاضي خادم، 2014ع
128. ياد ياد هڪ زندگي (ساروڻيون-5): قاضي خادم، 2014ع
129. آکيرا آڪاس ۾ (آتم ڪهاڻيرام بخشاڻي (مترجم: قمر شهباز)، 2014ع
130. گوندر ويا گذري (يادگيريون): جسٽس سيد ديدار حسين شاهه، 2014ع
131. ’سچ ڇا ڪوڙ ڇا‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو ٻيو): آنند کيماڻي، 2014ع
132. يادگيريون (جلد پهريون)، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، 2014ع
133. يادگيريون (جلد ٻيو)، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، 2015ع
134. وهي کاتي جا پنا (آتم ڪٿا: چار ڀاڱا گڏ): لڇمڻ ڪومل، 2015ع
135. رائي پير رت ڪيا (آتم ڪهاڻيامير بخش شر، 2015ع
136. ڪيڏي مختصر زندگي (آتم ڪٿا-3): عبدالحئي پليجو، 2015ع
137. جيون جي اڌ صدي (شڪست: آتم ڪٿا: ڀاڱو 1): حسن وساڻ، 2015ع
138. محمد ابراهيم جويو- هڪ صديءَ جو پڙاڏو (آتم ڪٿاسيد مظهر جميل، سنڌيڪار: پروفيسر محمد سليم ميمڻ، 2015ع
139. يادگيريون، مجتبيٰ احمد غالب ملڪاڻي، 2015ع
140. ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (آتم ڪٿا): منير احمد چنا، 2015ع
141. ڪتيم سڀ ڄمار (آتم ڪهاڻي)، شمس جعفراڻي، 2015ع
142. پاتم جهاتي جهان ۾ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون)، شيام ڪمار، 2015
143. ڏکيا سکيا ڏينهن (آتم ڪٿا)، قادر بخش طالباڻي، 2015ع
سوانح عمري: هي نثر جي هڪ اهڙي غير افسانوي صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن شخصيت جي زندگيءَ بابت ٻئي شخص پاران تفصيلي احوال لکيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ هن صنف کي ‘Biography’ چئبو آهي، جنهن جي اصطلاحي معنيٰ: “ڪنهن شخصيت جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن بابت بيان تحرير” آهي. هن صنف کي سنڌيءَ ۾ ‘جيوني’ به سڏيو ويندو آهي، پر عام طور اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ‘سوانح عمري’ سڏيو وڃي ٿو.
سوانح عمرين/ سوانحي خاڪن تي ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا:
1. شاهه ڀٽائيءَ جي حياتي: ڄيٺمل پرسرام، 1915ع
2. ڀائي ڪلاچند: ڄيٺمل پرسرام، 1914ع
3. شيخ منصور حلاج: محمد صالح هالائي، 1917ع
4. شاهه حسين (پنجابي صوفي شاعر): آتمارام ميٺارام، 1921ع
5. گوڪلي جي حياتي: تيجو مل شهاڻي، 1926ع
6. راجا رام موهن راءِ جو جيون چرتر: نرملداس گربخشاڻي، 1930
7. ساڌو نولراءِ جو جيون چرتر: نرملداس گربخشاڻي، 1932ع
8. ساڌو هيرانند جو جيون چرتر: واڌو مل مولچند، 1933ع
9. ابو الفضل ۽ فيضي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، 1936ع
10. ديوان موتيرام شوقيرام جو جيون چرتر: واڌو مل مولچند، 1936ع
11. قرب قليچ: محمد صديق مسافر، 1936ع
12. مهارشي ديوندرناٿ جو جيون چرتر: نرملداس گربخشاڻي، 1938ع
13. راڄ رشي ڏيارام گدومل جو جيون چرتر: شيوارام ڦيرواڻي، 1938ع
14. جواهر جيوڻي (ٻه ڀاڱا: ترجمو): تيرٿ وسنت، 1941ع
15. هند جي بلبل- شريمتي سروجني نئڊو، ديپچند تلوڪچند، 1945ع
16. ڪنور (جيوڻي: ڪنور ڀڳت): تيرٿ وسنت، 1957ع
17. سر آغا خان: خواجه محمد هاشم، 1959ع
18. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي (جيون چرتر ۽ رچنائون)، مرتب: مرليڌر جيٽلي ۽ موتيلال جوتواڻي، 1963ع
19. سانگي (شخصيت ۽ فن): احسان بدوي، 1965ع
20. گانڌيجي (جيوني: ڀاڱو 1)، تيرٿ بسنت، 1972ع
21. جهانيان خاندان، اي. جي. مٽائي، 1972ع
22. فنڪار ۽ فيلسوف (سڳن آهوجا جي ادبي زندگي): موهن ڪلپنا، 1973ع
23. مرد مومن (قاضي محمد سلطان مومن)، عنايت الله زنگيجو، 1973ع
24. سفر زندگيءَ جو (عبدالڪريم گدائي، شخصيت ۽ سوانح): غلام نبي سڌايو، 1975ع
25. هوندا سي حيات (شيخ عبدالمجيد سنڌي)، مرتب: خان محمد پنهور، 1978ع
26. گانڌيجي (جيوني: ڀاڱو 2)، تيرٿ بسنت، 1978ع
27. گانڌيجي (جيوني: ڀاڱو 3)، تيرٿ بسنت، 1979ع
28. ڀيرو مل: هيرو ٺڪر، 1980ع
29. پروفيسر رام پنجواڻي (اڀيندن گرنٿ)، مرتب: هري موٽواڻي، ٺاڪر چاولا، هوندراج ساجناڻي، ٻلديو مٽلاڻي، 1981ع
30. لالچند امرڏنو مل: مرليڌر جيٽلي، 1985ع
31. جهڄان جهانگين ڪاڻ (حبيب الله ڀٽي بابت مضمون)، مرتب: غلام محمد بروهي، 1981ع
32. منگهارام ملڪاڻي: اي جي اتم، 1985ع
33. ليکراج عزيز: اي جي اتم، 1986ع
34. سدا هجن هوت حيات (هري دلگير- فن ۽ شخصيت)، مرتب: ارجن حاسد، 1986ع
35. هجن هوت حيات (ڪرشن کٽواڻي: هڪ شخص هڪ فنڪار)، مرتب: 1987ع
36. ڄيٺمل پرسرام: ديپ چندر بيلاڻي، 1990ع
37. سپيريان سندي ڳالهڙي (سنڌي سنگيت ڪار: محمد يوسف): ممتاز مرزا، 1991ع
38. هڪڙو پيارو ماڻهو (شخصيت، فن ۽ فڪر): قاضي منظر حيات، 1991ع
39. عرفان مهدي، مرتب: مقبول ميمڻ، 1992ع
40. سنڌ جا عظيم ويڄ: اديب انقلابي، 1993ع
41. ٻري جن ٻاري (شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتون): خان محمد پنهور، 1995ع
42. ساهه سيباڻا سپرين (پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ ليکراج عزيز)، مرتب: وينا شرنگي، 1998ع
43. شيخ اياز نمبر، ٽماهي مهراڻ، 1998ع
44. سنڌ جو ٻيجل- سرمد سنڌي، مرتب: علي حسن چانڊيو، 1998ع
45. موهيا ڪنهن نه مال (الحاج سيد علي اڪبر شاهه، سوانح ۽ علمي ادبي خدمتون)، حبيب الله ڏيرو، 2000ع
46. شهيد الهه بخش سومرو (شخصيت ۽ سياست)، مرتب: آزاد قاضي، 2000ع
47. تنوير عباسي- هڪ مطالعو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، 2000ع
48. سنڌ جو سرتاج (علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ بابت تاثراتي خاڪا)، مرتب: مولانا نظر محمد مصطنوي: 2001ع
49. شهيد زخمي چانڊيو (خاص نمبر ادب)، گل ڪونڌر، 2001ع
50. ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي (جيون، فن، ڪاريه)، مرتب: مدن جماڻي، ڀڳوان نردوش، 2001ع
51. ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم (ڀاڱو 1)، مرتب: تاج جويو، 2001ع
52. ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم (ڀاڱو 2)، مرتب: تاج جويو، 2001ع
53. احمد خان مدهوش (فن ۽ شخصيت)، مرتب: عبدالرزاق جمالي، 2001ع
54. مسڪين جهان خان کوسو: محمد بخش مجنون: 2001ع
55. اندر روح رهيام (شخصيت، فن، فڪر)، ترتيب: مقصود گل، 2002ع
56. عالمن جو آفتاب (علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: شخصيت ۽ علمي خدمتون)، مرتب: تاج جويو، 2002ع
57. راجا ڏاهر (تاريخ ۽ زندگيءَ جو احوال): سرمد لطيف، 2003ع
58. گورڌن شرما گهايل (شخصيت ۽ فن)، مرتب: ديال آشا/ ٻلديو مٽلاڻي، 2002ع
59. موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح، مرتب: تاج جويو، 2003ع
60. سٻاجهو ساڃهه وند: محمد ابراهيم جويو (شخصيت، علمي ۽ ادبي خدمتون)، مرتب: تاج جويو، 2003ع
61. انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي، مرتب: تاج جويو، 2003ع
62. نجم عباسي: فن ۽ شخصيت، يوسف سنڌي، 2003ع
63. آديسي اُستاد (استاد بخاري: سوانح ۽ شخصيت): علي دوست عاجز، 2005ع
64. ڌرتيءَ جو شهيد الله ڪلهوڙو'>سميع الله ڪلهوڙو، مرتب: انور ڪانڌڙو'>آزاد انور ڪانڌڙو، 2005
65. شري سيتلداس هرچنداڻيءَ جا خلق جي خدمت ۾ پنجاهه سال، مرتب: ٽيڪچند مست ۽ لتا ٽهلياڻي: 2006ع
66. سڄاڻ جون سمرتيون (پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: شخصيت ۽ يادگيريون)، وڌايل سڌاريل ڇاپو: ريٽا شهاڻي، 2006ع
67. ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي (هيم ناگواڻي، فن ۽ شخصيت)، مرتب: لڇمڻ ڪومل، 2006ع
68. اعجاز علي جتوئي محب وطن سياستدان (شخصيت، ڪردار ۽ جدوجهد)، مرتب: انور ڪانڌڙو'>آزاد انور ڪانڌڙو، 2006ع
69. الحاج رحيم بخش قمر (شخصيت ۽ فن)، مرتب: بشير هيسباڻي، 2006ع
70. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (سوانح حيات ۽ علمي خدمتون)، تحقيق: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري، 2006ع
71. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم، مرتب: ڊاڪٽر قاضي خادم، 2006ع
72. جيجي (زرينه بلوچ: شخصيت ۽ فن)، مرتب: نصير مرزا، 2006ع
73. ڊاڪٽر خان محمد هڪ عملي انسان، مرتب: ثمينه ميمڻ، مجيد پنهور، 2006ع
74. سنڌ جو سورهيه سپاهي دادا روچيرام ٿانواڻي، (لتا ٽهلياڻي)، 2007ع
75. آزاديءَ جو پروانو: شهيد هيمون ڪالاڻي (باتصوير جيون جهانڪي): ڄيٺو لالواڻي، 2007ع
76. جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ (دادا جشن واسواڻيءَ جي جيوني): ريٽا شهاڻي، 2008ع
77. سـڄـڻـن جـا سـاريـو سـانگ (اي. جي. چانڊيي بابت)، مرتب: ذوالفقار هاليپوٽو، 2008ع
78. جوڀن جهوٽو واءَ جو (شهيد شاهه عنايت مورائيءَ کي ڀيٽا)، مرتب: تاج جويو، 2008ع
79. انيس انصاري، فن ۽ شخصيتون: اشتياق انصاري، 2008ع
80. قربان علي جتوئي (شخصيت، خدمت ۽ قيد ڪهاڻي): خالد چانڊيو، 2008ع
81. سنڌيت جو اُپاسڪ اُتم (جيوني): رڪمڻي سندرچئناڻي، 2008ع
82. ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (قاسم پٿر جي شخصيت)، مرتب: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، 2008ع
83. شري پير پٿوري صاحب جو جيون چريتر: شري هريسنگهه سوڍا، 2009ع
84. شيخ محمد حيات سنڌي (سوانح حيات، مذهبي خدمات ۽ تصنيفات)، ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، 2009ع
85. استاد منظور علي خان (فن ۽ شخصيت)، مرتب: ڪوثر ٻرڙو، 2010ع
86. ماڻهو مڻيادار (پير الاهي بخش جي سوانح ۽ سياسي خدمتون)، مرتب: زوار نقوي، 2010ع
87. ماڻڪ موتي لعل (سوانح حيات سيد محمد شير شاهه ذاڪري، محمد شاهه ذاڪري ۽ سيد احمد شاهه ذاڪري): فقير عبدالرسول قادري، 2011ع
88. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي (سوانح ۽ علمي ڪاوشون)، مرتب: ڊاڪٽر قاضي خادم، 2011ع
89. حسين بن منصور حلاج (شخصيت، زندگي ۽ جدوجهد)، خالد ڀٽي، 2011ع
90. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر، ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهان پوري، سنڌيڪار: حافظ ابو الاديب سنڌي، 2011ع
91. تنوير عباسيءَ جون علمي ادبي خدمتون، مهر خادم، 2011ع
92. اڻ ٿڪ انسان- ڊاڪٽر غلام علي الانا، مرتب: محمد عثمان منگي، 2011ع
93. الله بخش سومرو: خادم حسين سومرو، 2011ع
94. شهيد غلام قادر ملاح، مرتب: سڪندر ملاح، 2011ع
95. دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا (عادل سخيراڻيءَ بابت تاثر ۽ مضمون)، مرتب: ملوڪ لنڊ، 2011ع
96. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر: ڊاڪٽر ابوسلمان شاهجهان پوري، سنڌيڪار: حافظ بوالاديب سنڌي، 2011ع
97. ڪلا جو ڪوهنور- ماسٽر چندر، مرتب: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ۽ نرمل گوپلاڻي: 2011ع
98. هڪ يادگار مصنف فقير برڪت علي بلوچ، محمود مغل، 2012ع
99. ويڙا ڳڻ ڇڏي (ڪامريڊ خان چانڊيو'>احمد خان چانڊيو، زندگي ۽ جدوجهد)، مرتب: هاشم کوسو، 2012ع
100. شيخ اياز: شخصيت ۽ فن، غلام سڪينه ‘حميده قاضي’، 2012ع
101. سردار نواب ولي محمد خان لغاري، ڊاڪٽر عابد لغاري، 2012ع
102. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر (ٽماهي مهراڻ)، 2012ع
103. سنڌ جو املهه هيرو- ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، سهيڙيندڙ: محمد ابراهيم جويو، 2012ع
104. سندو ذات جواب (رسول بخش پليجي بابت تاثراتي خاڪا)، مرتب: ادريس لغاري، 2012ع
105. مهينن جو باغي (ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو): مسيح ڪالاڻي، 2012ع
106. سندري اتمچنداڻي: هولارام هنس، 2012ع
107. محمد جعفر بوبڪائي (سوانح: علمي ۽ ادبي خدمات)، ڊاڪٽر مولانا عبدالله کوسو، 2012ع
108. سيد شاهه مردان شاهه ثاني، پروفيسر محمد مبين وساڻ، 2013ع
109. شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن): مهرالنساءِ لاڙڪ، 2013ع
110. مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر، مرتب: تاج جويو، ٽماهي مهراڻ، 2013ع
111. پيرل قنبر (تخليقڪارن جي آئيني ۾)، مرتب: ڪوڙل قربدار، 2013ع
112. شمشير الحيدري خاص نمبر، ٽماهي مهراڻ، 2013ع
113. ريٽا شهاڻي: هند جي ڪهاڻي، مرتب: موهن مدهوش، 2013ع
114. ڇا ٿا پڇو ته ڇا هيو (سرڪش سنڌيءَ تي مختلف اديبن جا مضمون): ساجد چانڊيو ۽ ناياب سرڪش، 2013ع
115. سنڌ جو ديومالائي ڪردار- سراج، مرتب: تاج جويو، 2013ع
116. ڪارون وس ڪيام (ماسٽر محمد جمن: فن ۽ شخصيت): سوز هالائي، 2013ع
117. هي حسن (حسن درس جو تاثراتي خاڪو)، ماهتاب محبوب، 2013ع
118. نسيم کرل: وڏو ڪهاڻيڪار وڏو انسان، مرتب: تاج جويو، 2013ع
119. گوندر گس پرينءَ جو (قاسم پٿر: شخصيت ۽ خدمتون)، مرتب: انجنيئر اوڀايو خشڪ، 2013ع
120. آجپي جي اُجري باک جا سپنا ڏسندڙ محمد ابراهيم جويو، مرتب: تاج جويو، 2014ع
121. ڪيرت ٻاٻاڻي (شخصيت)، ليکڪ: هولارام ‘هنس’، 2014ع
122. ٽماهي مهراڻ ‘محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر’، 2014ع
123. جديد سنڌ جو قومي سرواڻ الله بخش سومرو، مرتب: محبوب علي سومرو، 2014ع
124. ڏُور به اوڏا سـپريـن (غـلام ربانـي آگرو: فن ۽ شخصيت)، مرتب: الطاف آگرو، 2014ع
125. ڳليان پريم نگر ديان (سهراب فقير: فن ۽ شخصيت)، مرتب: ڪوثر ٻرڙو، 2014ع
126. بيباڪ شخصيت (مطالعو معمور جو: جلد پهريون): بچايو مشتاق آريسر، 2014ع
127. خداآباد جو کاهوڙي (فقير عبدالله خان ڪلهوڙو: شخصيت ۽ جدوجهد): محمد افضل ڪلهوڙو، 2014ع
128. غلام سندم نالو (غلام هالائي: فن ۽ شخصيت)، سهيل ابڙو، 2014ع
129. ڊپٽي صاحب (غلام محمد ميمڻ مخدوم)، مرتب: نصير مرزا، 2014ع
130. مراد صاحب (مراد علي مرزا: اينٿالاجي)، مرتب: نصير مرزا، 2014ع
131. ڏاها هن ڏيهه جا (سنڌ جون عظيم شخصيتون)، پروفيسر اعجاز قريشي، 2014ع
132. ’اداس روح ازل کان‘ (مدد علي سنڌي: فن ۽ فڪر جو اڀياس)، مرتب: حبدار سولنگي، 2014ع
133. ڏور به اوڏا سپرين (غلام رباني آگرو: فن ۽ شخصيت)، مرتب: الطاف آگرو، 2014ع
134. عبدالواحد آريسر (شخصيت): نواز خان زئور، 2014ع
135. سڄڻن جي موڪلاڻي (سائين راشد مورائيءَ کي ڀيٽا)، مرتب: تاج جويو، 2014ع
136. محمد ابراهيم جويو خاص نمبر (ٽماهي مهراڻ)، 2014ع
137. محمد عثمان ڏيپلائي خاص نمبر، ٽماهي مهراڻ، 2014ع
138. آ رَت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي (حنيف زئور تي لکيل تاثراتي ڪتاب): نواز زئور، 2014ع
139. امر جليل نمبر، مرتب: پروفيسر محمد سليم ميمڻ، 2015ع
140. ٻاراڻي ادب جو مسيحا (اسرار شام)، مرتب: هاشم لطيفي، 2015ع
141. آواز جو شهنشاهه: صالح محمد شاهه، مرتب: نصير مرزا، 2015ع
142. لهرن لوڏيا ڪينڪي (پير علي مير: شخصيت)، قادر بخش طالباڻي، 2015ع
143. منهنجو سائين (نثار حسيني)، مرتب: نصير مرزا، 2015ع
144. سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي- محمد ابراهيم جويو (شخصيت، علمي ادبي ۽ قومي خدمتون)، مرتب: تاج جويو، 2015ع
145. هو سراپا عشق هو (عبدالواحد آريسر کي اديبن ۽ قومي ڪارڪنن جي ڀيٽا)، مرتب: تاج جويو، 2015ع
146. تاريخ سان تعزيت (عبدالواحد آريسر کي اديبن ۽ قومي ڪارڪنن جي ڀيٽا)، مرتب: تاج جويو، 2015ع
147. سنڌ جو داناءُ درويش- وتايو فقير (شخصيت، ڪردار ۽ گفتن بابت مقالا)، مرتب: عبدالقادر منگي، 2015ع
148. بئريسٽر مظهر سليمان قاضي (لنڊن اُڏار ۽ وطن واپسي- جيون ڪٿا)، منظور الحق قاضي مورائي، 2015ع
149. مهتاب (شخصيت، ڪردار، مڃتا)، ترتيب: آفتاب ابڙو، 2015ع
150. صادق فقير- تو کان ٿيندي ڌار، مرتب: اسحاق سميجو، 2015ع
151. گـُل ڇـنـو گـرنـار جـو (مقصود گل: شخصيت ۽ فن)، مرتب: ياسر قاضي، 2015ع
152. شهيد هيمون ڪالاڻي (سنڌي سرويچ)، مرتب: ڊاڪٽر آزاد قاضي، 2015ع
153. سنڌ جو سيوَڪ (ماما رمضان ساريو)، مرتب: علي بخش پٺاڻ، 2015ع
154. شخصيت ۽ شاعري (نارائڻ شيام)، مرتب: هري همٿاڻي، 2015ع
155. چـڱـو ڀٽائي آءٌ هـلان ٿــو (صادق فقير کي ڀيٽا)، مـرتـب:
علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺو، 2015ع
156. شاهه حيدر سنائي (تحقيق ۽ ترتيب): ڊاڪٽر ضيا شاهه، 2015ع
157. محمد ابراهيم جويو: سنڌ جو آواز [سوانح ۽ ادبي خدمتون]، سهيڙيندڙ: پروفيسر محمد سليم ميمڻ، 2015ع
158. محمد ابراهيم جويو: سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي، مرتب: تاج جويو، 2015ع
159. سڄڻ تنهنجي سار (انور الدين جتوئي- شخصيت ۽ خدمتون)، مرتب: ادريس جتوئي، 2015ع
160. حال فقيري (سوانح حيات مائي بيگم فقيرياڻياختر درگاهي، 2015ع
161. محمد حسين ترڪ: گهاڻي بڙ جي ڇانوَ، مرتب: محمد عابد ترڪ، جنوري 2016ع
162. حشو ڪيولراماڻي، مدد علي سنڌي، جولاءِ 2016ع
سنڌيءَ ۾ خاڪا نويسي: خاڪي جي لغوي معنيٰ آهي: نقشو، ڍانچو، شڪل يا تصوير، ڪنهن فرد جي ذات ۽ شخصيت بابت هڪ مختصر مضمون کي خاڪو چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي تفصيلي سوانح حيات بيان نه ڪبي آهي. سنڌي ليکڪن مان به ڪيترن اديبن جا سندن همعصرن، دوستن ۽ مختلف شعبن سان واسطيدار شخصيتن تي خاڪا لکيل آهن، جن مان تنوير عباسيءَ جو ‘منهن تنين مشعل’، طارق اشرف جو ‘جيل گهاريم جن سين’،رسول بخش درس'> رسول بخش درس جو ‘رهاڻ هيرن کاڻ’، ماهتاب محبوب جا ڪتاب ‘جيءَ جهروڪا’ ۽ ‘چنڊ چهرا’، شيخ عبدالرزاق ‘راز’ جو ڪتاب ‘سانگي ڪي ساريام ’ ، عبدالقادر جوڻيجي جو خاڪن جو مجموعو ‘شڪليون’، منير ڀرڳڙيءَ جو ڪتاب ‘خاڪا’، پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ‘اهي ڏينهن اهي شينهن’، غلام رباني آگري جا ڪتاب ‘جهڙا گل گلاب جا’، ‘ماڻهو شهر ڀنڀور جا’، موتي پرڪاش جو ڪتاب ‘ڏٺي ڏينهن ٿيام’، حميد سبزوئيءَ جو ‘فاني جڳ لافاني ماڻهو’، علي نواز آريسر جا ڪتاب ‘قومي تحريڪ جا شهيد’ ۽ ‘جي مون سانڍيا ساهه ۾’ خاڪن جي ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا.
خاڪن بابت ڇپيل ڪتاب هيٺ ڏجن ٿا:
1. وڌوان ناريون: بولچند پرسرام، 1920ع
2. صوفي سڳورا (فارسي ۽ سنڌي صوفي): ليلارام پريمچند ۽ ڄيٺمل پرسرام، 1921ع
3. صوفي سڳورا: ليلارام پريمچند ۽ ڄيٺمل پرسرام، 1921ع
4. سنڌ جا سنت: ٽهلرام آسودو مل، 1930ع
5. هندستان جون راڻيون: دين محمد وفائي، 1930ع
6. ودوان ناريون (ٽي آدرشي استريون): بولچند پرسرام، 1930ع
7. هندو پرش ۽ ناريون: فتح چند ميگهراج، 1930ع
8. سنڌ جا سنت: ٽهلرام آسودو مل، 1932ع
9. سنڌ جا مڻيا: نرمل داس گربخشاڻي: 1932ع
10. سڄاڻ زالون: محمد صديق مسافر، 1934ع
11. قومي اڳواڻ: ايم. آر. مائيداساڻي: 1935ع
12. ياد رفتگان (پهريون ڇاپو): طالب الموليٰ، 1954ع
13. مهراڻ سوانح نمبر: ايڊيٽر غلام محمد گرامي، 1958ع
14. جديد سياست جا نو رتن، جي ايم سيد، 1967ع
15. جنب گذاريم جن سين (ٻه ڀاڱا)، جي ايم سيد، 1967ع
16. سانگي ڪي ساريام (خاڪا): شيخ عبدالرزاق راز، 1971ع
17. سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين: حبيب الله ڀٽو، 1972ع
18. ويا سي وينجهار: غلام محمد گرامي، 1977ع
19. ڏيئا تيل ڦليل جا (خاڪا): علي احمد بروهي، 1978ع
20. سڏن مٿي سڏڙا (خاڪا): علي احمد بروهي، 1978ع
21. ماڻهو ميگهه ملهار، عبدالواحد آريسر، 1978ع
22. شڪليون (خاڪا): عبدالقادر جوڻيجو: 1979ع
23. اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ: جي الانا، 1980ع
24. اهي ڏينهن اهي شينهن (جلد ٻيو): پير علي محمد راشدي، 1980ع
25. اهي ڏينهن اهي شينهن (جلد ٽيون): پير علي محمد راشدي، 1981ع
26. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: پير حسام الدين راشدي، 1981ع
27. جيءَ جهروڪا (خاڪا): ماهتاب محبوب: 1982ع
28. ڄام ڄاموٽ ڄامڙا (خاڪا): علي احمد بروهي: 1984ع
29. ماءِ کاهوڙي هليا (خاڪا): ناز سنائي، 1984ع
30. واٽ ويندي (خاڪا): علي احمد بروهي، 1986ع
31. ڏٺي ڏينهن ٿيام (خاڪا)، موتي پرڪاش، 1986ع
32. تذڪره مشاهير سنڌ: مولانا دين محمد وفائي، 1986ع
33. مشاهير اسلام: عبدالرحيم مگسي، 1986ع
34. سنڌ جا روشن ستارا: الحاج سردار محمد بخش ناريجو، 1986ع
35. جيل گهاريم جن سان (خاڪا): طارق اشرف، 1988ع
36. نوان چار درويش (خاڪا): ناز سنائي، 1989ع
37. منهن تنين مشعل (خاڪا): تنوير عباسي، 1990ع
38. جهڙا گل گلاب جا (خاڪا: حصو پهريون): غلام رباني آگرو ، 1991ع
39. جهڙا گل گلاب جا (خاڪا: حصو ٻيو): غلام رباني آگرو ، 1991ع
40. مخدوم نوح سرور جا سهيوڳي: پروفيسر محبوب علي چنا، 1991ع
41. اسين مسافر پيار جا (خاڪا ۽ مضمون): ڊاڪٽر ادل سومرو، 1991ع
42. سنڌي ٻوليءَ جا محقق: ڊاڪٽر هدايت پريم، 1994ع
43. رهبر منهنجي راهه جا (سوانحي مضمون): گوبند مالهي، 1996ع
44. سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ (خاڪا): غلام رباني آگرو، 1997ع
45. لاڙڪاڻي جون امر شخصيتون: عبدالستار ڀٽي، 1997ع
46. هالا هيرن کاڻ، سيد اڪبر نمائي، 1997ع
47. جوڳيئڙا جهان ۾ (مشاهير دادو): محمد امين مگسي، 1997ع
48. مارو جي ملير جا: خادم حسين چانڊيو، 2001ع
49. ڏاها هن ڏيهه جا (تواريخي شخصيتون)، پروفيسر اعجاز قريشي، 2002ع
50. پَسي تنهنجي تجلي (دڙي جا اديب): يوسف سنڌي، 2003ع
51. سنڌي ثقافت جا امر آواز: ڪمال ڄامڙو، 2003ع
52. سيتا جا سدا بهار ماڻهو: بلوچ صحبت علي، 2004ع
53. گهوٽڪيءَ جا گهوٽ: مولوي عبدالحق لنڊ، 2004ع
54. ڏاها ڏات ڌڻي (دادو ضلعي جي عالمن ۽ اديبن جي ڊائريڪٽري): بشير سيتائي، 2004ع
55. سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ (هند جي اديبن جا سوانحي خاڪا): تاج جويو، 2004ع
56. سنڌ هيرن کاڻ (خاڪا: ڀاڱو پهريون)،رسول بخش درس'> رسول بخش درس، 2005ع
57. تذڪره مخاديم کهڙا شريف: پروفيسر مخدوم شبير احمد ابن مخدوم امير احمدرح، 2005ع
58. فن ۽ فنڪار (واليوم 1)، ڪوثر ٻرڙو، 2007ع
59. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب، مرتب: ڊاڪٽر قاضي خادم، 2007ع
60. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ مؤرخ، مرتب: ڊاڪٽر قاضي خادم، 2008ع
61. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ صحافي: ڊاڪٽر قاضي خادم، 2009ع
62. چنڊ چهرا (ادبي خاڪا): ماهتاب محبوب، 2010ع
63. ڪوي عمرڪوٽ جا، مرتب: اڪبر لغاري، 2010ع
64. ڏاها منهنجي ڏيهه جا: سليم چنا، 2010ع
65. جڙيو جيون جن (مختلف شخصيتن جا خاڪا): سيد يار محمد شاهه، 2011ع
66. سنڌي ادب (سؤ اديبن جي سوانح ۽ ڪم)، يوسف سنڌي، 2011ع
67. فاني جڳ، لافاني ماڻهو (خاڪا)، حميد سبزوئي، 2011ع
68. ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (خاڪا)، رضوان گل، 2011ع
69. ماڻهو شهر ڀنڀور جا: غلام رباني آگرو، 2012ع
70. بري هن ڀنڀور ۾ (شخصيتن جا خاڪا)، غلام رباني آگرو، 2012ع
71. چونڊ سوانحي خاڪا: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، 2012ع
72. فن ۽ فنڪار (واليم 2)، ڪوثر ٻرڙو، 2012ع
73. آڪاش گنگا (ادبي ۽ مفڪرانا خاڪا): ريٽا شهاڻي، 2012ع
74. يادن جا ورق (ادبي ۽ سوانحي خاڪا): ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، 2012ع
75. سنڌ جا املهه هيرا: مير نادر علي ابڙو، 2012ع
76. توکي مون ساريو (يادگيريون، خاڪا، انٽرويو ۽ جيون ڪٿائون)، زيب سنڌي، 2012ع
77. ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي (قومي ڪارڪنن جا خاڪا)، نواز زئور، 2013ع
78. دل جي دنيا (ادبي هستين جي زندگي ۽ فن): ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، 2013ع
79. سنڌ هيرن کاڻ (خاڪا: ڀاڱو ٻيو):رسول بخش درس'> رسول بخش درس، 2013ع
80. زيرِ عشق، پيشِ حُسن (خاڪا)، عزيز گوپانگ، 2013ع
81. عمر اوٺي اباڻن جا (خاڪا)، عزيز گوپانگ، 2013ع
82. لاهوتي لڏي ويا: ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، 2013ع
83. سنڌ هيرن کاڻ (خاڪا: ڀاڱو ٽيون):رسول بخش درس'> رسول بخش درس، 2014ع
84. مانجو ڪوهستان (خاڪا): ج. ع. منگهاڻي، 2014ع
85. قافلو هلندو رهيو (خاڪا):بدر ابڙو'> بدر ابڙو، 2014ع
86.
چڪ جا چندن هار (عالمن، سنتن، استادن، اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سياستدانن جا سوانحي خاڪا): آزاد بخاري، 2014ع
87. سيوهڻ جون شخصيتون: مير حاجن مير، 2014ع
88. سنڌ جون سون ورنيون دليون (سنڌي هندو اديبن بابت مضمون)، پروفيسر عبدالستار بلوچ، 2014ع
89. سونهان منهنجي سنڌ جا (جيون ڪٿائون ۽ خاڪا)، سليم چنا، 2014ع
90. قومي تحريڪ جا شهيد: علي نواز آريسر، 2014ع
91. ماڻهو سي مهان (خاڪا): عبدالخالق جوڻيجو، 2014ع
92. جي مون سانڍيا ساهه ۾ (اديبن ۽ قومي ڪارڪنن جا خاڪا): علي نواز آريسر: 2014ع
93. ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ (خاڪا، تاثر): سراج، 2015ع
94. جي ويراڳي وڃڻا ها (خاڪا ۽ تاثر)، عبدالواحد آريسر، 2015ع
95. ساڻيهه جا سينگار [ضلعي بينظيرآباد (نوابشاهه) جا مڻيادار ماڻهو]، خادم حسين چانڊيو، 2015ع
96. دور حاضر ۾ کپري جا شاعر: استاد حڪيم امام بخش مڱريو: 2015ع
97. مون سي ڏٺا ماءِ (حضرت بيدل فقير سان لاڳاپيل شخصيتون)، فقير مٺل مسرور، 2015ع
98. انمول هيرا (جيون ڪٿائون ۽ خاڪا)، سليم چنا، 2015ع
99. سُمهي سک نه ماڻيو، سنڀو هميراڻي، 2015ع
100. جي ويراڳي وڃڻا ها، عبدالواحد آريسر، 2015ع
101. کير ڌارا (ڏيهي پرڏيهي ساهتڪارن جون جيوڻيون، خط وغيره)، ولي رام ولڀ، 2015ع
102. جديد دؤر جا نوان چار درويش (خاڪا)، عبدالواحد آريسر، 2016ع
163. سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو: علي نواز آريسر، 2016ع


هن صفحي کي شيئر ڪريو